روزانو ڪشمش کائڻ جا جادوئي اثر

روزانو ڪشمش کائڻ جا جادوئي اثر
عوامي آواز اخبار

جيڪڏهن اوهان روزانو ڪشمس کائڻ جا فائدا ڄاڻي وٺو تہ اوهان ان کي سون جي اگھ ۾ خريد ڪري کائڻ شروع ڪري ڇڏيندا، ڪشمش ايترن فائدن سان ڀرپور آهي جو اها اوهان کي صحت جي ڪيترن ئي مسئلن کان پري رکي سگھي ٿي.
لنڊن جي هڪ مشهور ويب سائيٽ ”بولڊ اسڪاءِ“ ڪشمش جا 5 اهڙا حيران ڪندڙ فائدا بيان ڪيا آهن جيڪي صحت جي ماهرن طرفان تجويز ڪيل آهن.
ڪشمش نه رڳو اوهان جي جلد کي دير تائين جواب رکڻ لاءِ بهترين آهي پر اها وارن لاءِ بہ ڪنھن بهترين شيءِ کان گھٽ ناهي، اها ڏندن کي به مضبوط ۽ چمڪندڙ بڻائيندي آهي.

اينٽي ايجنگ خاصيتون:
ڪشمش اينٽي ايجنگ خاصيتن سان مالال هوندي آهي، ڪشمش کائڻ سان انساني جسم ۾ رت جي دوري جو نظام بھتر ٿي ويندو آهي. ماهرن جو چوڻ اهي تہ ڪشمش جي استعمال سان انسان جي جلد کي پوڙهائپ ۽ وڌندڙ عمر جي ظاهري اثرن کان پري رهڻ ۾ مدد ملندي آهي ان جي استعمال سان جلد ۾ لچڪ برقرار رهندي آهي ۽ ائين گھنج ناهن ايندا.

وارن لاءِ فائديمند:
ڪشمش جو روزانو باقاعدگي سان استعمال ڪرڻ وارن کي وقت کان اڳ اڇو ٿيڻ کان بچائي ٿو ۽ ان جو استعمال وارن کي گھاٽو ۽ ڪارو بڻائي ٿو، ماهر خوبصورت ۽ چمڪندڙ وارن لاءِ ڪشمش جو باقاعده استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏيندا اهن.

ڏندن لاءِ فائديمند:
جيڪڏهن اوهان روزانو ڪشمس کائڻ جا فائدا ڄاڻي وٺو تہ اوهان ان کي سون جي اگھ ۾ خريد ڪري کائڻ شروع ڪري ڇڏيندا، ڪشمش ايترن فائدن سان ڀرپور آهي جو اها اوهان کي صحت جي ڪيترن ئي مسئلن کان پري رکي سگھي ٿي.
لنڊن جي هڪ مشهور ويب سائيٽ ”بولڊ اسڪاءِ“ ڪشمش جا 5 اهڙا حيران ڪندڙ فائدا بيان ڪيا آهن جيڪي صحت جي ماهرن طرفان تجويز ڪيل آهن.
ڪشمش نه رڳو اوهان جي جلد کي دير تائين جواب رکڻ لاءِ بهترين آهي پر اها وارن لاءِ به ڪنهن بهترين شيءِ کان گھٽ ناهي، اها ڏندن کي به مضبوط ۽ چمڪندڙ بڻائيندي آهي.

اينٽي ايجنگ خاصيتون:
ڪشمش اينٽي ايجنگ خاصيتن سان مالال هوندي آهي، ڪشمش کائڻ سان انساني جسم ۾ رت جي دوري جو نظام بهتر ٿي ويندو آهي. ماهرن جو چوڻ اهي تہ ڪشمش جي استعمال سان انسان جي جلد کي پوڙهائپ ۽ وڌندڙ عمر جي ظاهري اثرن کان پري رهڻ ۾ مدد ملندي آهي ان جي استعمال سان جلد ۾ لچڪ برقرار رهندي آهي ۽ ائين گھنج ناهن ايندا.

وارن لاءِ فائديمند:
ڪشمش جو روزانو باقاعدگي سان استعمال ڪرڻ وارن کي وقت کان اڳ اڇو ٿيڻ کان بچائي ٿو ۽ ان جو استعمال وارن کي گھاٽو ۽ ڪارو بڻائي ٿو، ماهر خوبصورت ۽ چمڪندڙ وارن لاءِ ڪشمش جو باقاعده استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏيندا اهن.

ڏندن لاءِ فائديمند:
ڪشمش جي استعمال سان ڏند مضبطو ٿيندا آهن اها ڏندن کي جيت لڳڻ کان محفوظ رکي ٿي ۽ ڏندن جي اڇاڻ برقرار رهي ٿي ۽ ڏند چمن ٿا.

وٽامن سي :
ڪشمش کي جيڪڏهن وٽامن سي جو خزانو چيو وڃي تہ غلط نہ هوندو، ڪشمش ۾ وٽامن سي جو سٺو مقدار موجود هوندو آهي ۽ اها فولاد سان ڀرپور هجڻ سبب معدنيات جي جذب ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي ڪشمش ۾ هڪ اهڙو ڪيميائي تباتاتي مواد موجود هوندو آهي جيڪو اسان جي جلد کي انتهائي تيز اُس جي نقصانن کان محفوظ رکندو آهي.

ڪشمش کي ڪيئن استعمال ڪجي؟
ماهرن موجب ڪشمش کي رات جو هڪ گلاس پاڻي ۾ ڀڄائي صبح جو نيراني خالي پيٽ کائڻ صحت لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو، ڇو جو رات جو پاڻي ۾ ڀڄائڻ کان پوءِ ڏينهن جي شروعات ڪشمش کائي ڪري ۽ پاڻي پي ڪرڻ سان جسم کي وٽامنز ۽ منرلز ملندا آهن جيڪي ان ميوي جي مٿين سطح کان پاڻي ۾ جذب ٿي ويندا آهن.

Post Author: sindhplanet

Leave a Reply

Your email address will not be published.